شرف النساءِ لغاري

شرف النساءِ لغاري

شرف النساءِ لغاري

شرف النساءِ لغاري: سياسي ڪارڪن، شرف النساء ڌيءَ نثار علي لغاري جو جنم ڳوٺ آريجا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي دڙي محلي مان، مئٽرڪ ۽ انٽر گورنمينٽ گرلس هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پيپلز يوٿ ونگ ۾ شامل ٿي ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم جاري رکي. اهڙيءَ طرح هن ايم. بي. اي (ايڇ. آر) ڪئي. شرف النساءِ جڏهن پيپلز يوٿ ونگ ۾ شموليت ڪئي هئي، ان وقت جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي، جنهن ۾ هن ڀرپور حصو ورتو ۽ نتيجي طور کيس جيل جي سزا به ڀوڳڻي پئي. ان کان پوءِ جڏهن پرويز مشرف چونڊ وڙهڻ لاءِ گريجوئيشن جو شرط رکيو هو تڏهن سندس مڙس قنبر علي خان لغاري جي ان وقت گريجوئيشن ٿيل نه هئي، تنهنڪري هن کي مخصوص سيٽ تان ايم. پي. اي بڻايو ويو. بيگم شرف النساءِ ايم. پي. اي ٿيڻ کان پوءِ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا تمام گهڻا ڪم ڪيا. هوءِ عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙيندي رهي.
پاڻ سيتا روڊ، جانوري محلي ۾ ‘شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو’ جي نالي سان انگلش ميڊيم اسڪول قائم ڪيو اٿس، جتي غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏني ويندي آهي. ان کان سواءِ پاڻ غريبن جي حقن لاءِ سدائين سرگرم رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو